سُرمائي ڪنڊر ڪوئو

سُرمائي ڪنڊر ڪوئو

سُرمائي ڪنڊر ڪوئو

سُرمائي ڪنڊر ڪوئو Grey Spiny Mouse/Mus Saxicola: هي ڪوئو، گهريلو ڪوئي کان وڏو ٿئي ٿو. مٿان سرمائي رنگ جو آهي ۽ پيٽ اڇو اٿس، پڇ سنهو ۽ جسم جي ماپ کان ڪجهه ئي ننڍو آهي. هي ڪوئو پٿرائين ماحول ۾ رهندڙ آهي. هي پٿراين جاين تي ٻِر کوٽي ٿو ۽ رات جو سرگرم رهندڙ جانور آهي. هي ڪوئو اڪثر طور اَن، ساوڪ ۽ جيت کائيندو آهي، پاڻي نه پيئندو آهي. پاڻيءَ جي ضرورت ڀاڄين ۽ شڪار وغيره مان پوري ڪري وٺندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو